هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي روز صبح جو واهه جي ڪناري تي وڃي واڪ ڪرڻ جي عادت هئي، هو قدرت جي نظارن ۽ ساوڪ کي ڏسي پيو سرهو ٿيندو هو۔ هڪ صبح تي هو جڏهن واهه جي ڪناري تي گهمي رهيو هو، ته هن جي نظر واهه جي ڪناري تي موجود پاڻيءَ تي پئي جنهن ۾ هڪ وڇون پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ مصروف هو۔۔پوڙهي انساني جذبي تحت رحم کائي ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪا شئي نه ملڻ تي پنهنجي هٿ سان هن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔ وڇون ته هو ئي وڇون، جيئن ئي پوڙهي جو هٿ ساڻس مس ٿيو، ڏنگ وهائي ڪڍيائين۔ڏنگ جي زهر ۽ تڪليف جي شدت جي ڪري پوڙهي ٿوري دير هٿ پوئتي ڪيو ۽ هٿ کي مهٽي وري به وڇون کي بچائڻ جي لاءِ هٿ اڳتي وڌايائين۔ وڇون هن ڀيري وڌيڪ زور سان ڏنگ سندس هٿ جي پٺيءَ تي اهڙو ڏنگ هنيو جو سندس هٿ ئي سڄڻ شروع ٿي ويو۔۔۽ تڪليف جي ڪري ڪراهڻ لڳو۔۔۔
هڪ هاري جيڪو هتان لنگهندي مهل تماشو ڏسي رهيو هو، چيائين ”اي بي عقل جهونا ! اهو ڇا پيو ڪرين، هروڀرو پاڻ کي تڪليف پيو ڏين۔ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته هن وڇون جي ڏنگڻ سان تون مري به سگهين ٿو، هن ناشڪر، بدصورت وڇون کي ڪو بيوقوف ئي بچائڻ جو سوچي سگهي ٿو“۔
پوڙهي ماڻهوءَ هاري جي اکين ۾ ڏسي اطمينان سان وراڻيو۔” اي شخص هي وڇون ته ڏنگ هڻي پنهنجي فطرت پيو ڏيکاري، پر ڇا هن جي انهيءَ ڏنگ جي ڪري مان پنهنجي فطرت (رحم ۽ انسانيت) ڇڏي ڏيان۔ اها فطرت جيڪا مونکي ٻين کي مصيبت ۾ ڏسي سندن مدد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي“۔
اهو چئي هو وڇون کي بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ نيٺ کيس بچائي دم ورتائين۔۔
سوچو ته ڇا اسان به ڪاٿي پنهنجي اصلي فطرت کي وساري ته نه ويٺا آهيون۔۔؟ ٻين جي ٿوري غلط رويي جي ڪري اسان سندس مدد ڪرڻ ڇڏي ڏيون۔۔ هي ته وڇون هو جنهن جي فطرت ئي اها هئي پر اسان ته انسانن جي مدد ڪري سگهون ٿا۔۔ ڇا اسان پنهنجي انهيءَ فطرت (رحم ۽ انسانيت) کي سنڀالي رکيو آهي۔۔؟














لائينر موڊ


