#1  
پراڻو 16-01-2010, 12:43 PM
مست's Avatar
مست آف لائن آهي
ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 01 Oct 2009
ماڳ: ڄامشورو
عمر: 24
تحريرون: 4,251
موضوع: 526 موضوع
موجوده فطرت۔۔؟

هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي روز صبح جو واهه جي ڪناري تي وڃي واڪ ڪرڻ جي عادت هئي، هو قدرت جي نظارن ۽ ساوڪ کي ڏسي پيو سرهو ٿيندو هو۔ هڪ صبح تي هو جڏهن واهه جي ڪناري تي گهمي رهيو هو، ته هن جي نظر واهه جي ڪناري تي موجود پاڻيءَ تي پئي جنهن ۾ هڪ وڇون پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ مصروف هو۔۔پوڙهي انساني جذبي تحت رحم کائي ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪا شئي نه ملڻ تي پنهنجي هٿ سان هن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔ وڇون ته هو ئي وڇون، جيئن ئي پوڙهي جو هٿ ساڻس مس ٿيو، ڏنگ وهائي ڪڍيائين۔ڏنگ جي زهر ۽ تڪليف جي شدت جي ڪري پوڙهي ٿوري دير هٿ پوئتي ڪيو ۽ هٿ کي مهٽي وري به وڇون کي بچائڻ جي لاءِ هٿ اڳتي وڌايائين۔ وڇون هن ڀيري وڌيڪ زور سان ڏنگ سندس هٿ جي پٺيءَ تي اهڙو ڏنگ هنيو جو سندس هٿ ئي سڄڻ شروع ٿي ويو۔۔۽ تڪليف جي ڪري ڪراهڻ لڳو۔۔۔
هڪ هاري جيڪو هتان لنگهندي مهل تماشو ڏسي رهيو هو، چيائين ”اي بي عقل جهونا ! اهو ڇا پيو ڪرين، هروڀرو پاڻ کي تڪليف پيو ڏين۔ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته هن وڇون جي ڏنگڻ سان تون مري به سگهين ٿو، هن ناشڪر، بدصورت وڇون کي ڪو بيوقوف ئي بچائڻ جو سوچي سگهي ٿو“۔
پوڙهي ماڻهوءَ هاري جي اکين ۾ ڏسي اطمينان سان وراڻيو۔” اي شخص هي وڇون ته ڏنگ هڻي پنهنجي فطرت پيو ڏيکاري، پر ڇا هن جي انهيءَ ڏنگ جي ڪري مان پنهنجي فطرت (رحم ۽ انسانيت) ڇڏي ڏيان۔ اها فطرت جيڪا مونکي ٻين کي مصيبت ۾ ڏسي سندن مدد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي“۔
اهو چئي هو وڇون کي بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ نيٺ کيس بچائي دم ورتائين۔۔

سوچو ته ڇا اسان به ڪاٿي پنهنجي اصلي فطرت کي وساري ته نه ويٺا آهيون۔۔؟ ٻين جي ٿوري غلط رويي جي ڪري اسان سندس مدد ڪرڻ ڇڏي ڏيون۔۔ هي ته وڇون هو جنهن جي فطرت ئي اها هئي پر اسان ته انسانن جي مدد ڪري سگهون ٿا۔۔ ڇا اسان پنهنجي انهيءَ فطرت (رحم ۽ انسانيت) کي سنڀالي رکيو آهي۔۔؟
__________________

مان به هر تحرير تي نظر پيو رکان

Reply With Quote
  #2  
پراڻو 16-01-2010, 10:18 PM
نثارابڙو's Avatar
نثارابڙو آف لائن آهي
سپر ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 21 Apr 2009
ماڳ: مڪو پاڪ
عمر: 49
تحريرون: 3,093
موضوع: 393 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

جي ادا، لطيف سرڪار چواڻي ته ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن“ ۔۔۔ سٺا ماڻهون هميشه سٺو ئي ڪندا آهن ۽ گُلُ هميشه خوشبو ئي ڏيندو آهي ته ڪنڊا وري پنهنجو ڪم ڪن ۔۔۔ تمام سٺو ۽ سبق آموز ليک آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

Reply With Quote
  #3  
پراڻو 16-01-2010, 10:37 PM
رحيم بخش's Avatar
رحيم بخش آف لائن آهي
ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 23 Jun 2009
تحريرون: 1,422
موضوع: 49 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

سائين بالڪل سبق آموز مضمون آهي۔ بس ڀلي کان ڀلايون ئي ٿينديون آهن ۔۔۔۔۔
ڀٽائي سهڻي جو ٻيو به هڪ شعر آهي ته
چڱن ساڻ چڱايون هرڪو ائين هوء ،
پر تو جيان ڪري نه ڪوء بُڇن ساڻ ڀلايون ،

ڀلائي آهين ، پرين ڀلائيء پانهنجي ،
سٻاجها سر چڙهيو ، ڏوراپو نه ڏين ،
مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سڄاين ۾ ۔
__________________
ســـائينم ســـدائين ڪرين مـــٿي ســـنڌ ســـڪار
دوســــت مــــٺا دلــدار عـــالم ســـڀ آباد ڪــــرين

آخري ترميم ڪندڙ رحيم بخش : 20-01-2010 وقت 08:45 PM
Reply With Quote
  #4  
پراڻو 18-01-2010, 04:10 PM
مست's Avatar
مست آف لائن آهي
ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 01 Oct 2009
ماڳ: ڄامشورو
عمر: 24
تحريرون: 4,251
موضوع: 526 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

مهرباني ادا نثار ۽ ادا رحيم بخش
__________________

مان به هر تحرير تي نظر پيو رکان

Reply With Quote
  #5  
پراڻو 20-01-2010, 05:14 PM
نثارناز آف لائن آهي
سرپرست اعلى
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 14 Apr 2009
ماڳ: بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
تحريرون: 1,878
موضوع: 256 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

اقتباس:
اصل تحرير موڪلي آهي: مست تحرير ڏسو
هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي روز صبح جو واهه جي ڪناري تي وڃي واڪ ڪرڻ جي عادت هئي، هو قدرت جي نظارن ۽ ساوڪ کي ڏسي پيو سرهو ٿيندو هو۔ هڪ صبح تي هو جڏهن واهه جي ڪناري تي گهمي رهيو هو، ته هن جي نظر واهه جي ڪناري تي موجود پاڻيءَ تي پئي جنهن ۾ هڪ وڇون پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ مصروف هو۔۔پوڙهي انساني جذبي تحت رحم کائي ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪا شئي نه ملڻ تي پنهنجي هٿ سان هن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔ وڇون ته هو ئي وڇون، جيئن ئي پوڙهي جو هٿ ساڻس مس ٿيو، ڏنگ وهائي ڪڍيائين۔ڏنگ جي زهر ۽ تڪليف جي شدت جي ڪري پوڙهي ٿوري دير هٿ پوئتي ڪيو ۽ هٿ کي مهٽي وري به وڇون کي بچائڻ جي لاءِ هٿ اڳتي وڌايائين۔ وڇون هن ڀيري وڌيڪ زور سان ڏنگ سندس هٿ جي پٺيءَ تي اهڙو ڏنگ هنيو جو سندس هٿ ئي سڄڻ شروع ٿي ويو۔۔۽ تڪليف جي ڪري ڪراهڻ لڳو۔۔۔
هڪ هاري جيڪو هتان لنگهندي مهل تماشو ڏسي رهيو هو، چيائين ”اي بي عقل جهونا ! اهو ڇا پيو ڪرين، هروڀرو پاڻ کي تڪليف پيو ڏين۔ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته هن وڇون جي ڏنگڻ سان تون مري به سگهين ٿو، هن ناشڪر، بدصورت وڇون کي ڪو بيوقوف ئي بچائڻ جو سوچي سگهي ٿو“۔
پوڙهي ماڻهوءَ هاري جي اکين ۾ ڏسي اطمينان سان وراڻيو۔” اي شخص هي وڇون ته ڏنگ هڻي پنهنجي فطرت پيو ڏيکاري، پر ڇا هن جي انهيءَ ڏنگ جي ڪري مان پنهنجي فطرت (رحم ۽ انسانيت) ڇڏي ڏيان۔ اها فطرت جيڪا مونکي ٻين کي مصيبت ۾ ڏسي سندن مدد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي“۔
اهو چئي هو وڇون کي بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ نيٺ کيس بچائي دم ورتائين۔۔

سوچو ته ڇا اسان به ڪاٿي پنهنجي اصلي فطرت کي وساري ته نه ويٺا آهيون۔۔؟ ٻين جي ٿوري غلط رويي جي ڪري اسان سندس مدد ڪرڻ ڇڏي ڏيون۔۔ هي ته وڇون هو جنهن جي فطرت ئي اها هئي پر اسان ته انسانن جي مدد ڪري سگهون ٿا۔۔ ڇا اسان پنهنجي انهيءَ فطرت (رحم ۽ انسانيت) کي سنڀالي رکيو آهي۔۔؟
بس ادا اسد ان ۾ به هڪڙو زبردست فلسفو رکيل آهي، بُرائي ته هميشهه اها ڪوشش ڪندي آهي ته ڪنهن کي خراب کان خراب تر ڪجي پر ڀلائي هميشهه پنهنجي بهترين اصولن جي آڌار تي بُرائي کي پنهنجي نيڪ ڪردار ۽ سهڻن اخلاقن ذريعي مات ڏيندي آهي، مٺا ڀٽون جو ڪم آهي، تڪليف ڏيڻ، ڏنگ ۽ زهر ان کي ڏاج ۾ مليا آهن، پر اسان انسانن مان اهي ئي ماڻهون ڏاها ليکيا ويندا آهن جيڪي هر نموني انسان ۽ خدا جي ساري مخلوق کي سُک پهچائيندا آهن۔ تمام خوبصورت ونڊ آهي ادا توهان جي
Reply With Quote
  #6  
پراڻو 20-01-2010, 09:14 PM
رشيد سمون's Avatar
رشيد سمون آف لائن آهي
منتظمِ اعلى
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 19 Mar 2009
تحريرون: 1,599
موضوع: 476 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

پر ڀلو ائين ٿيندو ته ڀلائي اهڙي نموني ڪجي جو ڪنهن ٻئي ته تڪليف نه اچي پر پاڻ کي ڏکيو نه ڪجي ۔۔۔۔
منهنجو والد صاحب هڪ درٻار تي مهيني جي ڪنهن خاص تاريخ ۾ هڪ رات گذاريندا هئا ۔۔۔ گهاٽي جهنگ ۾ موجود ان درٻار ۾ هر وقت خطرناڪ جانورن جي حملي جو ڊپ موجود هوندو هو ۽ بجلي نه هجڻ جي باوجود پوري رات ڏئي يا لالٽين جي روشني ۾ ورد وظيفي کان سواءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا ۔۔۔
منهنجو ۽ منهنجي والد جن جا استاد جيڪي شايد صوفي ازم کي گهڻو سمجهي نه سگهيا هئا کين بار بار چوندا هئا ته ”اسلام ڪڏهن به تڪليف وارو رستو نه ٿو ٻڌائي ۔۔۔ توهان الله پاڪ جي خوشنودي پاڻ کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔“
Reply With Quote
  #7  
پراڻو 20-01-2010, 11:55 PM
محمد مگسي's Avatar
محمد مگسي محمد مگسي آف لائن آهي
Senior Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 23 Sep 2009
تحريرون: 219
موضوع: 61 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

زبر دست ( پر اڄ ڪلهـ جو انسان اهو ڪونه رهيو آهي رحمت ته موڪلاء وئي آهي هن دنيا مان )
__________________
Reply With Quote
  #8  
پراڻو 21-01-2010, 09:34 AM
مست's Avatar
مست آف لائن آهي
ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 01 Oct 2009
ماڳ: ڄامشورو
عمر: 24
تحريرون: 4,251
موضوع: 526 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

ادا توهان سڀني دوستن جي بهترين جوابن ۽ تجزين جي مهرباني۔۔۔ انسان ڀلائي نه ڪري ته انسان سڏجي ئي نه ٿو سگهجي۔۔۔
__________________

مان به هر تحرير تي نظر پيو رکان

Reply With Quote
  #9  
پراڻو 02-06-2010, 02:15 PM
TAHIR SINDHI's Avatar
TAHIR SINDHI TAHIR SINDHI آف لائن آهي
Senior Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 25 Feb 2010
ماڳ: مڪو پاڪ
عمر: 29
تحريرون: 2,729
موضوع: 407 موضوع
موجوده جواب: فطرت۔۔؟

اقتباس:
اصل تحرير موڪلي آهي: مست تحرير ڏسو
ادا توهان سڀني دوستن جي بهترين جوابن ۽ تجزين جي مهرباني۔۔۔ انسان ڀلائي نه ڪري ته انسان سڏجي ئي نه ٿو سگهجي۔۔۔
پاڻ ڪريم جن جي حديث جو مفهوم
هڪ شخص اچي چيو سائين مان مائٽن سان ڀلائي ڪيان ۽ اهي ٿا مندايون ڪن پوء به پاڻ ڪريم جن ان کي ڀلائي ڪندي رهڻ جو حڪم فرمايو
__________________
سبحان الله و بحمده سبحان الله العظيم
Reply With Quote
جواب ڏيو

ٽيگ
فطرت۔۔؟

هن وقت هن موضوع کي ڏسندڙ سنڌي: 1 (0 رڪنَ ۽ 1 مهمانَ)
 
موضوع، فورم جا اوزار موضوع جي اندر ڳولا ڪريو
موضوع جي اندر ڳولا ڪريو:

ڳوڙهي ڳولا
نمائش جو انداز

تحرير موڪلڻ جا قانون
توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن جا جواب موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن سان فائيل ڳنڍي نه ٿا سگهو
توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم نه ٿا ڪري سگهو

BB code is آن
مسڪراهٽون آن آهن
[IMG] ڪوڊ آن آهي
HTML ڪوڊ آف آهي
ٻين فورمن ڏانهن وڃو

سڀئي وقت GMT +5 آهن۔ هينئر 05:35 AM وقت ٿيو آهي
ترجمو: عبدالرشيد سمون
سنڌي ايڊيٽر : عامر ضياء چارڻ
وي بليٽن 3.7.4 ورجن
Copyright ©2000 - 2010, Jelsoft Enterprises Ltd.