اقتباس:
اصل تحرير موڪلي آهي: رنجيت
رشيد سائين! ير اها ڳالهه سمجهه ۾ڪونه ٿي اچي ته اگر جي گانو منهنجي ڪمپيوٽر ۾ آهي۔ ته مان اهو ڪلام اوطاقين کي ڪيئن ٻڌرايان۔۔۔۔ مهرباني ڪري ٿوڙي رهنمائي ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
|
اقتباس:
اصل تحرير موڪلي آهي: رياض حسين گلال
ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي پر ادا رنجيت جيڪو سوال ڪيو آهي مان ب اهو ئي سوال ڪندس.
|
اقتباس:
اصل تحرير موڪلي آهي: مست
اڙي ير اهو گانو ڪنهن فائيل شيئرنگ سرور تي اپلوڊ ڪري شيئر ڪندين ته پوءِ هلندو۔۔ ايئن نه هلندو، جيڪڏهن تون هڪڙو گانو پنهنجي ڪمپيوٽر مان کڻين هڻين ۽ وري تو وارو ڪمپيوٽر بند پيو هجي ته مون جهڙا مست ته رڳو مٿو ويٺا کنهائيندا۔۔
|
ادا رنجيت ۽ رياض اميد ته مست جي جواب مان مطمئن ٿيا هوندا۔۔۔ بس اضافو ڪندو هلان ته
فائل ڊن هڪ اهڙي ويب هوسٽنگ سائيٽ آهي جتي توهان پنهنجا آڊيو فائيل آرام سان اپلوڊ ڪري ان گيت جو يو آر ايل حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ساڳيو يو آر ايل، ايم پي ٿري ڪوڊ سان لڳائيندي سنڌ سلامت جي دوستن کي پنهنجو لڳايل گيت ٻڌرائي سگهو ٿا۔۔۔۔