#1  
پراڻو 28-07-2010, 08:58 PM
ممتاز علي وگهيو's Avatar
ممتاز علي وگهيو ممتاز علي وگهيو آف لائن آهي
Senior Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 14 Feb 2010
ماڳ: karachi Sindh
تحريرون: 1,281
موضوع: 562 موضوع
موجوده منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!

منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!


افشان حاجي خان ٻرڙو
ثقافت جو سڀ کان طاقتور ذريعو ٻولي آهي ۽ اسان جي ٻولي سان هن ”ڪشور حسين“ ٺهڻ کان پوءِ جيڪي ويل وهايا ويا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونه آهن. لياقت علي جي دور اقتدار ۾ ڪراچي شهر ۾ موجود 1380 اسڪولن مان سنڌي ميڊيم ختم ڪري، اتي اردو ٻولي رائج ڪئي وئي، ۽ اڄ تائين ساڳيون سازشون جاري آهن. سنڌ مان هڪ منظم سازش تحت سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني پئي وڃي. سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچي شهر ۾ چار لک سنڌي رهن ٿا، پر پنهنجي ملڪ ۾ انهن کي پنهنجي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي شهر ۾ سنڌي ميڊيم جا ٻه هاءِ اسڪول آهن، چئن لکن جي آبادي لاءِ صرف ٻه اسڪول؟!!! ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي مجبور آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي بجاءِ اردو ۾ تعليم ڏيارين، سنڌين سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي ناانصافي ٿيندي جو اسان جا ٻار شاهه، سچل، ۽ سامي کي به نه پڙهي سگهن! انگريزن جي وقت ۾ سنڌ جي سرڪاري لک پڙهه جي ٻولي، انگريزي سان گڏ سنڌي به هئي. انگريزن ئي سنڌي الفابيٽ ترتيب ڏياريو. مگر اڄ صورتحال ان کان به بدتر آهي. ڪنهن به ٻولي جو ادب انهيءَ ٻولي جو ورثو هوندو آهي، پر اسان جي ادب جي سرڪاري سطح تي به ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي. سنڌي نصاب ۽ تاريخ سان به هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا وارث سنڌي اڄ پاڻ کي بي وس ٿا سمجهن
.
__________________
وگهيه ويهه ويراڳن وٽ، جيڪي پارکو اٿئي پيار جا
انهئ حقيقي يار جا، ٿو جيئاري جيڪو جهان کي
Reply With Quote
  #2  
پراڻو 29-07-2010, 04:23 PM
نثارابڙو's Avatar
نثارابڙو آف لائن آهي
سپر ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 21 Apr 2009
ماڳ: مڪو پاڪ
عمر: 49
تحريرون: 3,092
موضوع: 392 موضوع
موجوده جواب: منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!

بس ڙي يار مصيبت اها آهي ته اها ويڌن اسان سان ڪا لڪ ڇپ ۾ نه ظاهر ظهور ٿي رهي آهي پر اسين سنڌي ماشاء الله ايترا ته سجاڳ آهيون جو ڌاريا سنڌ ڀيلن پيا پر اسين آهيون جو ڪن تي جونءَ به نٿي چري ۔۔۔

ڇا صرف ٻوليءَ سان ناانصافي آهي ۔۔۔؟ اقتصادي وسيلا ۽ زمين جو ڇا ٿيندو ۔۔۔؟ اها ڪهڙي کاتي ۾ کاڌ جو شڪار آهي ۔۔۔ سواءِ ٽٽو حڪمرانن جي ٻيو اسانجي هٿ ۾ آهي ڇا ۔۔۔؟ ڪو سمجهائي ته من ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۔۔۔۔

بس ڙي يار سور نه پڇو ۔۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ رب جي بارگاهه ۾ ته هن ۡ”ڪشور حسين “ کان جان ڇٽي ۔۔۔
__________________
سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔
Reply With Quote
جواب ڏيو

ٽيگ
منهنجي, مٺڙي, وير, ٻوليءَ, ايڏو, سان


هن وقت هن موضوع کي ڏسندڙ سنڌي: 1 (0 رڪنَ ۽ 1 مهمانَ)
 
موضوع، فورم جا اوزار موضوع جي اندر ڳولا ڪريو
موضوع جي اندر ڳولا ڪريو:

ڳوڙهي ڳولا
نمائش جو انداز

تحرير موڪلڻ جا قانون
توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن جا جواب موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن سان فائيل ڳنڍي نه ٿا سگهو
توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم نه ٿا ڪري سگهو

BB code is آن
مسڪراهٽون آن آهن
[IMG] ڪوڊ آن آهي
HTML ڪوڊ آف آهي
ٻين فورمن ڏانهن وڃو


سڀئي وقت GMT +5 آهن۔ هينئر 03:22 PM وقت ٿيو آهي
ترجمو: عبدالرشيد سمون
سنڌي ايڊيٽر : عامر ضياء چارڻ
وي بليٽن 3.7.4 ورجن
Copyright ©2000 - 2010, Jelsoft Enterprises Ltd.