سنڌ ۽ سنڌي قوميت
نوٽ؛ دوستو، ”سنڌ جي ترقيءَ ۾ قومپرست تنظيمن جي ڪردار“ واري ڌاڳي ۾ هي ڪجه مڪالمه ٿيا هئا ... سنڌ سلامت جي محترم دوست بشير احمد جا ۽ هن ناچيز جا ... آءُ هنن سوالن جوابن کي الڳ سان هڪ ڌاڳي ۾ وجهي رهيو آهيان ... ان اميد سان ته ڪجهه ٻيا دوست به ان ڌاڳي ۾ پنهنجا موتي وجهندا ۽ اسانجي رهنمائي ڪندا ... بحث علمي آهي ... بحث براءِ بحث ناهي ... ڪار خئير آهي جي ڪو حصو وجهڻ چاهي ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...________________________________________
مٺا دوست بشير صاحب، اوهانجا جواب پڙهيا جيتوڻيڪ انتهائي مختصر آهن پر تنهن هوندي به سٺي ڳالهه اها آهي ته اوهان جواب ڏنا، ٻي ڳالهه ته اوهانجي ڪجهه جوابن سان ڪيتري حد تائين متفق ٿبو ۽ ڪن ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪبي، پر هڪ ڳالهه ته مختصر جواب ان جاءِ ته ڏبا آهن جتان جان ڇڏائڻي هجي ... جي اوهان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا ته بيشڪ مختصر جواب ڏيندا ڪريو ...
________________________________________
اقتباس:
|
1. اوهان سان ڀائپي ته ازل کان ۽ اڻ ڏٺي ئي آهي پر دوستي رکڻ تي دل ٿي چوي جي اوهانجو ڪو پورو تعرف ٿي وڃي ته هوند ڏاڍو سٺو ۔۔ ادا تعارف واري سيڪشن ۾ هن ناچيز جو تعرف موجود آهي ، منهنجي خيال ۾ سنڌ سلامت وارن دوستي جو رشتو به قائم ڪري ڇڏيو آهي باقي تجديد جي مهرباني. |
ٻي ڳالهه ته سنڌ سلامت جي دوستن طرفان اوهان سان دوستيءَ جو رشتو قائم ٿي چڪو آهي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، سنڌ سلامت جا دوست انتهائي سلڇڻا ۽ سنڌ دوست آهن ... رب العالمين اوهانکي سٺن دوستن سان نوازي ... آمين
________________________________________
اقتباس:
|
2۔ ڇا اوهان سنڌين کي هڪ قوم سمجهو ٿا ۽ سنڌ کي ملڪ؟ سنڌ ۾ رهڻ وارو سنڌي آهي پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو آهي کيس هي رشتو هن ڌرتي تي پيدا ٿيندي ملي چڪو آهي پوءِ اسين ڪير ٿيندا آهيون ان کان هي تعلق کسڻ وارا ؟ |
ٻن صورتن ۾ ڪو به ڪنهن قوم ۾ شامل ٿي سگهندو آهي، هڪ ته ان قوم جا قانون کيس اجازت ڏيندا هجن، ٻيو ته هو انهن قانونن کي پورو ڪندو هجي مثلن، هو ان قوم جي اڻ ٽٽ حصي ٿيڻ لئه دل وجان سان تيار هجي، هو ان قوم جي ٻولي، ثقافت ۽ ان قوم جي سياسي ۽ ملڪي مفادن سان ٻانهن ٻيلي هجي،
منهنجو ڀاءُ تقريبن 45 کان 45 سال هت سعودي عرب ۾ رهيو آهي سندس سمورو اولاد هت پئدا ٿيو آهي، هت ئي تعليم حاصل ڪئي اٿن، پنهنجن والدين کان علاوه هو پاڻ ۾ به عربي ڳالهائيندا آهن، سندن دوستيون سعودي نوجوانن سان اٿن، کين سنڌ واپس هلڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته چوندا آهن ”نه“ هو سعوديءَ ۾ ڄاوا آهن سعوديءَ ۾ ئي مرندا، پر اڄ به هتان جي حڪومت کين پنهنجو ڪرڻ لئه تيار ناهي، ۽ کين وطني هجڻ جي حقوق کان وانجها آهن ...
ڪجهه مهينا اڳ، سعودي حڪومت اهڙي قسم جو اعلان ڪيو هو ته هو ڪجهه اهڙن ماڻهن کي وطني حق مهيا ڪندا جي گهڻي عرصي کان هت رهندا آيا آهن، انهن ۾ ٻين شرطن سان اول شرط اهو آهي ته هو... عربي پڙهي لکي ۽ سهي سهي ڳالهائي سگهندا هوندا ...
دوست مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهان ڪهڙي منطق کان اها ڳالهه ڪئي ته بيشڪ هو سنڌي نه به ڳالهائيندا هجن ته به سنڌي آهن ؟؟؟ ٺيڪ آهي ڪو ٻي قوم مان اچي سنڌي ٿيو آهي ممڪن پنهنجي گهر ۾ اڃان اها ئي ٻولي ڳالهائيندو هجي پر جڏهن هو سنڌين سان وهنوار ڪندو ته کيس سنڌيءَ ۾ ئي ڪرڻو پوندو ...
ٻوليءَ جي اهميت جا ڪئي مثال ڏئي سگهجن ٿا ۽ مونکي پورو يقين آهي ته اوهان ان کان واقف به هوندا ... هڪ گهر ۾ هڪ ئي خاندان جا ڀاتي مختلف ٻولين وارا ناهن هوندا ها ڪرائي جي عمارت ۾ رهڻ وارا ڪئي زبانن جا ماڻهون ٿي سگهنٿا ...
اسانجا عرب سڳورا عرب ان ڪري آهن جو سندن ٻولي عربي آهي، انگريز، انگريز انڪري آهن جو هو انگريزي ڳالهائيندا آهن، فرانسيسي، جرمن، يا اسپينش، چيني مطلب ته دنيا جون سڀ قومون پنهنجين ٻولين سبب سڃاتيون وينديون آهن ... ٻوليءَ ڪنهن به قوم جو هڪ مضبوط ۽ سگهارو انگ هوندو آهي ...
هڪ سنڌي محب وطن جي حيثيت سان آءُ دنيا جي سڀني قومن جي زبانن جو احترام ڪريانٿو ۽ انهن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪريان ... پر منهنجي ملڪ جي پنهنجي ٻولي آهي ۽ ڪامل سٺي ۽ امير ٻولي آهي، سنڌي کي ئي سنڌ جي قومي ٻولي هجڻ کپي ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌي سڏرائيندو ته کيس سنڌي ٻولي ڳالهائڻي پوندي ... معاف ڪجو ...
اقتباس:
|
3۔ ڇا اوهان پاڪستان کي هڪ قوم چوندا يا گهڻ قومي ميلاپ وارو ملڪ؟ گهڻ قومي ميلاپ وارو ملڪ جيئڻ گھڻ قومي ميلاپ هر صوبي ۾ آهي |
پر افسوس منهنجا ڀاءُ، جو اهي سڀ خواب، خواب ئي رهجا ويا، نه اسلامي انصاف قائم ٿيو، نه ترقيءَ جا ڪي رنگ نظر آيا، نه ٻولي ۽ ثقافت جا ڪي واڌارا مليا، بلڪ هر روز هڪ نئون فتنو، هر روز هڪ نئون ظلم، هر روز اڳي کان به وڌ ڪوڙ ... هاڻ ته ڪوڙن مٿان ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي پاڪستان کي ڪوڙن، ظالمن، منافقن جو مسڪن ٺاهيو ويو آهي ... دنيا جا وڏي ۾ وڏا ظالم ۽ ڪوڙا اسانجي وچ ۾ ويهي اسانکان وڌيڪ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ... ؟
اقتباس:
| 4۔ ڇا پاڪستان جنهن مقصد لئه ٺاهيو ويو ۽ جنهن نظريي تي ٺاهيو ويو هو، اهو حاصل ٿي ويو آهي؟ ۽ هن وقت جنهن منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي، انجو نتيجو ڇا ٿيندو؟ |
اقتباس:
| اسان کي انهي مقصد جي حصول جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي |
ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ،
اهڙو ٽلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي.
اقتباس:
| 5۔ ڇا سنڌي قوم موجوده پاڪستان ۾ خوش ۽ ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طع ڪندي دنيا سان نه سهي اسلامي ملڪن سان ڪلهو ۾ ڪلهو ملائي هلي رهي آهي ۔۔۔؟ |
اقتباس:
| پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جو ڪنهن طرح سان ڪو جواز ناهي آهي ها هتي را جي ايجنٽ قومپرستن وٽ گٺل پيٺل دليل آهن پر جڏهن ايڊ بند ٿيندي اٿن ته سڀ دليل وساري پنهجي قوم وارن کي ئي لٽيندا آهن انهن جي آسري تي الڳ هجڻ جي ڳالھ ائين جيئن ٻڪري جو محافظ ڪنهن بگاڙ کي بنايو وڃي ... |
ڇا جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا را جا ايجنٽ نه هجن. سچائيءَ سان سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي منزل طرف قدم وڌائن ... ته اوهانکي قبول هوندا ؟ ... سنڌ جا محب وطن ۽ اشراف سڀ ملي ڪري اها ڳالهه ڪن ته پاڪستان کي سڌاريو وڃي ۽ پوءِ به پاڪستان جي روش ساڳي برقرار هجي ته اوهانجي نظر ۾ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
[]
اقتباس:
|
6۔ ڇا مسلمان هڪ امت آهي يا هڪ قوم؟ ۽ ڇا اسلام ۾ وطن جي حب جو ڪو معيار آهي؟ مسلمان هڪ امت آهن باقي قوميت صرف سڃاڻپ لاءِ آهي . وطن جي محبت فطري آهي پر وطنيت دين کان مٿي ناهي ساڻيھ جي باري ۾ سوچ جو محور دين هجي ...[/QUOTE] |
اول الله عليــــــــم اعلا عــــــالم جو ڌــڻي،
قـادر پنهنــــجي قدرت سين قائم آهي قديم،
والــــــي واحـــد وحــــده، رازق رب رحيـــــــم،
ســــو ســــاراه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم جوڙئون جوڙ جهان جـي.
اسانجو ايمان آهي ”ناهي ڪو معبود سواءِ هڪ الله جي ۽ محمد الله جو رسول آهي“ اسين چاهيون ٿا ته ان ڪلمي جي ڇانوَ ۾ اسين ترقي ڪريون ... بيشڪ ٻين مذهبن وارا جي اسان جا وطني آهن سي سنڌ ۾ رهن سندن پورا قومي حق به مليل هجن پر دين اسلام جي پيروي ۽ انجي واڌ ويجهه ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجن ...
اقتباس:
|
7۔ قوم جي تعريف ڇا آهي ؟ ادا قوم جي تعريف هتي ڏسندا |
آءُ اوهانکي بين الاقوامي طور منڃيل ۽ قومن جي گڏيل اداري يو اين او پاران ڏسيل قوم جي تعريف ٻڌايانٿو ...
قوم جا هٺيان اهم عنصر آهن ... جن سان ڪا قوم ٺهي ٿي ...
1. جاگرافي (زمين)
انسانن جي هڪ گروه وٽ تاريخي طور هڪ خطو هجي جنهن ۾ هو صدين کان پنهنجا مالڪاڻا حق رکندا هجن ...
2. زبان (ٻولي)
ان خطي ۾ رهندڙ ان انساني گروه وٽ هڪ ٻولي هجي جنهن سان هو پنهنجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار ڪندا هجن ۽ هڪ ٻئي سان رابطي جو ڪم وٺندا هجن .. سندن سمورو ادب ان زبان ۾ موجود هجي ...
3. ثقافت (ريتون ۽ رسمون)
ان انساني گروهه جي رهڻ، اٿڻ، ويهڻ، پائڻ، کائڻ، ڳائڻ، وڄائڻ شادي ۽ غمي جون مخصوص ريتون سمون هجن، جن سان سڃاتا ويندا هجن ... مذهبي ۽ روحاني هم آهنگي پڻ ان عنصر کي وڌيڪ مصبوط ڪري ٿي ...
4. تاريخ
ان ڌرتيءَ تي رهندڙ ان انساني گروهه جي هڪ تاريخ هجي، جنهن ۾ سندن موجود ڪارنامه ۽ ناڪاميابيون، سورهيائون، بهادريون ۽ ادبي ڪتبا هجن ...
5. اقتصاديات
ان انساني گروه جي هڪ اقتصاديات هجي سندن ناڻي ۽ ڏيڻ وٺڻ جو نظام موجود هجي ... سندن آمدنيءَ جا وسيلا هجن، نقصان ۽ فائدي جا هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار هجن ...
[quote]
اقتباس:
|
8۔ حضرت عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن هيٺيون شعر چوڻ وقت ڇا ذهن ۾ رکيو هوندو؟ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست۔ مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔ ادا بس اهوئي نظريو هجي وطنيت ءِ قوميت جي خول کان ٻاهر ٿي سموري انسانيت جي سک ۽ شانتي لاءِ سوچيو وڃي ...[/ |
دوست! هن سوال جي جواب ۾ اوهان اڌورو جواب ڏنو آهي، هيٺ واري سٽ تي ته اوهانجي نظر پئي آهي پر مٿان واري سٽ اوهان وساري ڇڏي ۽ انجي تشريح ڪرڻ مناسب نه سمجهي ... خئير آهي ... وطن جي حب جيئن ته فطري جذبو آهي ... ۽ اسانجي دين مطابق ته خئير به گهر کان ئي شروع ٿيندو آهي ... اول گهر پو خاندان پو پاڙيوارا پوءِ شهر وارا پوءِ ملڪ وارا ۽ پوءِ دنيا وارا ... ساڳي ريت نڀائيندي سهڻي لطيف پهريان پنهنجي ملڪ، وطن سنڌ جي خوشحاليءَ لئه دعا گهري آهي ۽ پوءِ دنيا ۽ عالم جي خوشحاليءَ جي تمنا ڪئي آهي ... ان ساڳئي فڪر جي پوئواري ڪندي اسين سنڌي به پهريان سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي لئه پاڻ پتوڙينداسون ۽ جڏهن اسين پاڻ ڀريا ٿينداسون ته ٻين جي ڀلائيءَ لئه به ڪجهه ڪري سگهنداسون ....
مٺا دوست، انهن سوالن جوابن ۾ ڪئي پنا ڪارا ٿيندا پر ڳالهه کٽندي ڪونه، مون خلوص نيت سان هي جواب لکيا آهن ... ممڪن آهي ته اوهان اختلاف ڪريو پر جي ڪو اختلاف هجي ته منهنجا دوست، مونکي خبر ضرور ڪجو ته جيئن آءُ پنهنجي اصلاح ڪري سگهان ...
الله اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي ۽ اسانکي سچ جي ساٿي هجڻ جو شرف نصيب فرمائي ... آمين













لائينر موڊ


