خالد محمود سومرو صاحب جنکي سڄي سنڌ ۽ سڄي سنڌ جا مذهبي سياسي اڳواڻ سڃاڻن، جيتري حد تائين مونکي ياد اچي ٿو ته سائين جن جميعت علماء اسلام سنڌ جا اڳواڻ آهن ۽ پنهنجين تقريرن ۽ علم سبب پنهنجي حلقي ۾ ڀلي ڀر سڃاتا وڃن ٿا ۔۔۔
سائين جن جا لک ٿورائتا آهيون جو هو اسانجي هن ننڍڙي اڱڻ تي ڪهي آيا ۽ پنهنجي يوٽيوب تي موجود وڊيوز جي خبر ڏئي هليا ويا ۔۔۔ جڏهن ته اوطاق جو اصول هوندو آهي ته سلام دعا ڪجي، پنهنجو ممڪن تعرف ڪرائجي ۽ انکانپو پنهنجي ڳالهه پيش ڪجي ۔۔۔
سائين خالد صاحب کي اسين دل جي گهرائن سان ڀليڪار چئونٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته هو حق ۽ سچ جا ڏيئا ٻاريندا ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ اسانجي رهنمائي ڪندا۔ جيئن ته سنڌ پاڪستان جي ڪوٽ ۾ اسلامي جذبي سان ڦاٿي آهي ۽ اسلام جي سبب سڀ کان گهڻيون قربانيون ڏئي چڪي آهي ۽ ڏئي پئي ۽ هاڻ سنڌ جي اسلامي اڳواڻن تي فرض ٿئي ٿو ته هو سنڌين کي اسلام ۽ سنڌ جي حقيقت کان واقف ڪري حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪري، ٿيندڙ ڏاڍائين خلاف مثبت آواز اٿاريندا ۽ جدوجهد ڪندا ته جيئن سنڌ جو مسلمان اهو سمجهي سگهي ته اسلام مظلوميت جي حمايت ڪري ٿو ۔۔۔
سائين خالد صاحب، اسانجون اکيون ٿڌيون ۽ الله جا لک شڪرانا جو اوهانجهڙو روشن خيال مسلم اڳواڻ اسانجي وچ ۾ اچي ويٺو آهيو ۔۔۔ اهي اسانجا ڀاڳ چئبا جو پارس اچي لوهه جي وچ ۾ ويٺو آهي۔۔۔
رب العالمين اسانکي حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۔۔۔آمين