#1  
پراڻو 28-07-2010, 07:31 PM
nadar baloch's Avatar
nadar baloch nadar baloch آف لائن آهي
Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 29 May 2010
ماڳ: HYDERABAD
عمر: 24
تحريرون: 43
موضوع: 9 موضوع
موجوده پڙهو گھمايو،

پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي،
گھٽي گھٽي گونججي وئي آ، پکي پکي ويو پڪار بنجي.

هوا ۾ ڳاڙهي گلاب جي بوءِ سڄي، کٻي کان اچي رهي آ،
نظر نظر ۾ نچي رهي آ، خوشي خوشيءَ جو نکار بنجي.

ڪچو، پو سڀ ملير ٿي ويو، ننڍي وڏي ٿي وئي ماروي،
چَڙي چڙي ٿي ٻُري هِنئين ۾ جئي جئي جي تنوار بنجي.

ٻَني ٻَني تي ٻٻر لڳي ويا، ڪَسي ڪسي تي قدم کپي ويا،
سَلي سلي تي صفا ڄمي ويا، جوان جوان نثار بنجي.

ڪنول، هزارو، عقيق ٽهڪيو، رتن، چنبيلي، گلاب مَهڪيو،
عشاق آڏو حسين سامهون، قطار تي وئي قطار بنجي.

ڪڻِي ڪڻِي ٿي ڪٺي بخاري، ڦُڙو ڦڙو ٿو سمونڊ ڇڇڪي،
ڪڻو ڪڻو ويو خرار بنجي ڄڻو ڄڻو ويا هزار بنجي.

استاد بخاري """"""جي شاعري
Reply With Quote
  #2  
پراڻو 28-07-2010, 08:40 PM
ALI AKBAR SHAR's Avatar
ALI AKBAR SHAR ALI AKBAR SHAR آف لائن آهي
Senior Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 10 Feb 2010
ماڳ: سيلاب ۾
تحريرون: 924
موضوع: 41 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

مهرباني سائين
__________________
جيئي سنڌ
Reply With Quote
  #3  
پراڻو 29-07-2010, 11:51 AM
نثارابڙو's Avatar
نثارابڙو آف لائن آهي
سپر ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 21 Apr 2009
ماڳ: مڪو پاڪ
عمر: 49
تحريرون: 3,092
موضوع: 392 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

ٻَني ٻَني تي ٻٻر لڳي ويا، ڪَسي ڪسي تي قدم کپي ويا،
سَلـــي سلـــي تي صفا ڄمي ويا، جوان جوان نثـــــار بنجــي.


لک ٿورا سائين نادر!
محترم استاد بخاريءَ جو هي گيت انتهائي ڳوڙهي معنا وارو گيت آهي، سمجهڻ واري لئه انقلابي پيغام آهي هي گيت، استاد بخاريءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي سندس گيتن کي جيئن جيئن پڙهجي ٿو تيئن تيئن نيون معنائون ٿيون نڪرن ۔۔۔ ۽ اندر ۾ انقلاب جو روح ڦوڪجي ٿو وڃي ۔۔۔ هن گيت جي هر لفظ ۾ هڪ معني پرويل آهي ۔۔۔
__________________
سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔
Reply With Quote
  #4  
پراڻو 29-07-2010, 02:51 PM
ڦلپوٽو فقير's Avatar
ڦلپوٽو فقير آف لائن آهي
ايڊيٽر
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 27 Apr 2009
ماڳ: شڪارپور
عمر: 27
تحريرون: 4,158
موضوع: 364 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

لاجواب ڪوشش آهي توهان جي سنڌ سلامت فورم لا۽

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
__________________
رمضان شريف مبارڪ
توهان جي دعائن جو طلبگار

ڦلپوٽو فقير
Reply With Quote
  #5  
پراڻو 30-07-2010, 10:47 AM
nadar baloch's Avatar
nadar baloch nadar baloch آف لائن آهي
Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 29 May 2010
ماڳ: HYDERABAD
عمر: 24
تحريرون: 43
موضوع: 9 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

سدا جئي سنڌ

داد توهان جي مهرباني
Reply With Quote
  #6  
پراڻو 30-07-2010, 10:50 AM
nadar baloch's Avatar
nadar baloch nadar baloch آف لائن آهي
Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 29 May 2010
ماڳ: HYDERABAD
عمر: 24
تحريرون: 43
موضوع: 9 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

سانئن نثارء فقير صاحب توهان جي مهرباني
Reply With Quote
  #7  
پراڻو 30-07-2010, 11:08 AM
عاشق سولنگي's Avatar
عاشق سولنگي عاشق سولنگي آف لائن آهي
Senior Member
 
شامل ٿيڻ جي تاريخ: 20 May 2010
ماڳ: شڪارپور مديجي
تحريرون: 1,446
موضوع: 198 موضوع
موجوده جواب: پڙهو گھمايو،

واھ سائين زبردست استاد بخاري پنهنجو مٽ پاڻ هيو۔۔۔]
__________________
اسين ٻول حق جا ته ٻولي سگهون ٿا۔۔۔؟

جيئي سهڻو لطيف سرڪار
Reply With Quote
جواب ڏيو

ٽيگ
گھمايو،, پڙهو


هن وقت هن موضوع کي ڏسندڙ سنڌي: 1 (0 رڪنَ ۽ 1 مهمانَ)
 
موضوع، فورم جا اوزار موضوع جي اندر ڳولا ڪريو
موضوع جي اندر ڳولا ڪريو:

ڳوڙهي ڳولا
نمائش جو انداز

تحرير موڪلڻ جا قانون
توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن جا جواب موڪلي نه ٿا سگهو
توهان تحريرن سان فائيل ڳنڍي نه ٿا سگهو
توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم نه ٿا ڪري سگهو

BB code is آن
مسڪراهٽون آن آهن
[IMG] ڪوڊ آن آهي
HTML ڪوڊ آف آهي
ٻين فورمن ڏانهن وڃو


سڀئي وقت GMT +5 آهن۔ هينئر 03:29 PM وقت ٿيو آهي
ترجمو: عبدالرشيد سمون
سنڌي ايڊيٽر : عامر ضياء چارڻ
وي بليٽن 3.7.4 ورجن
Copyright ©2000 - 2010, Jelsoft Enterprises Ltd.